اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي متحده عرب امارات جي 50 هين سالگرهه تي ان جي قيادت ۽ عوام کي پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته م??حده عرب امارات جي سياسي قيادت اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جون مثالي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان يو اي اي جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته خطي جي ترقي معاشي خوشحالي ۽ امن جو فروغ اسان جو گڏيل ويزن آهي. پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا ڊگهي مدي و??ري تعاون تي ٻڌل آه??. ڀ??ئيچ??ري ۽ اعتماد جو رشتو گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري وڌيڪ ??ستحق ٿي رهيو آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عالمي فورمن تي مثالي تعاون پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ اعتماد ۽ احترام کي ظاهر ڪري ٿو. اسان کي انهن لاڳاپن ۽ ڀائيچ??ري جي فضا کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ ۽ واپ??ري سرگرمين کي وڌيڪ ??ڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، محمد صادق سنجراڻي چيو ته سيڙپڪ??ري ۽ ڪاروب??ري چرپر جي ذريعي ٻنهي طرفن جي عوام کي وڌيڪ ??يجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي دوستي وقت جي هر امتحان تي پوري لٿي، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان جي لاءِ نئين ڪامياب??ن ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان – متحده عرب امارات دوستي زنده باد.