اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رحمت للعالمين اٿ??رٽي بابت سمورن قدن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رحمت للعالمين اٿ??رٽي جو مقصد معاشري جي اخلاقي براين جو سيرت طيبه جي روشني ۾ تدارڪ آهي، ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سيرت طيبه جي تعليم عام ڪرڻ جي لاءِ خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت للعالمين اٿ??رٽي تي اڳ??رائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ عالم سڳورن سان مشاورت جي طريقيڪار، عالمي سطح تي اٿ??رٽي جي تجويز ڪيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايڊوائيزري ڪائونسل جي ڪردار، اسڪو??ن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن ۾ سيرت جي شعور جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٺوس ميديا پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته معياري نشري م??اد جي ذريعي ٻارن ۽ نوجوانن کي سيرت طيبه کي عملي زندگي ۾ اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويندي، نشري م??اد ۾ سيرت جي اخلاقي رخن تي ڌيان ڏئي معاشرتي براين جي تدارڪ ۾ مدد حاصل ٿيندي. وزيراعظم اٿ??رٽي بابت سمورن قدمن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهب??ز گل، پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود، ڊاڪٽر عارف بٽ شرڪت ڪئي جڏهن ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.