اسلام آباد – 02 –; نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته تازي بحران ۾ مين اسٽريم ميڊيا ذميواري ۽ احتياط جو مظاهرو ڪيو، سچ ذميواري سان بيان ڪرڻ ئي صحافت آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تازي بحران ۾ پاڪستان جي مين اسٽريم ميڊيا جنهن ذميواري ۽ احتياط جو مظاهرو ڪيو آ??ون اطلاعات واري وزارت پاران ميڊيا جا ٿورا ??ڃڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن ميڊيا اهڙن بحرانن ۾ ذميواري جو مظاهرو نه ڪري ته حڪومتن جون مشڪلاتون وڌي سگهن ٿيون، سچ ذميواري سان بيان ڪرڻ ئي صحافت آهي.