اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) سي??يٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي ميمبر پرويز ملڪ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سي??يٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سي??يٽ چيئرمين پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته مرحوم هڪ معتبر سياستدان هو، هن جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. سي??يٽ جي چيئرمين الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلند ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي، سي??يٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سي??يٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سي??يٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني به پرويز ملڪ جي لاڏڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.