اسلام آبا?? – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قدرتي آفتن سان مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪاران کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، قدرتي آفتن ۾ متاثرين کي وقت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلا?? احمر ۽ انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس اينڊ ريڊ ڪريسنٽ جي ريجنل ڊائريڪٽر، اليگزينڊر ميٿيوس سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي انجمن هلا?? اح??ر پاڪستان جي چيئرمين ابرابر الحق به موجود هو. صدر عارف علوي چيو ته قدرتي آفتن کي مناسب طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ رضاڪارن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، قدرتي آفتن ۾ متاثرين کي وقت سر امداد پهچائڻ لاءِ هلا?? احمر ۽ انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊڪراس جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، هن چيو ته هلا?? اح??ر پاڪستان ڪورونا جي دوران عوام ک?? صحت جون سهولتون پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، حڪومت جي ڪورونا جي دوران ڪامياب سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي ڪري صورتحال ضابطي ۾ رهي. صدر چيو ته حڪومت ڪورونا جي دوران ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ فنڊ مختص ڪيا. صدر هلا?? اح??ر پاڪستان جي مدد فراهم ڪرڻ تي انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس جي ڪردار کي ساراهيو.