اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، طالبان کي ح??وم?? سازي ۽ ملڪي معاملا هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي. اهڙ?? اظهار هن ??ڏي?? قومن جي پناهگيرن جي هاءِ ڪمشنر فيلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن گذريل ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان مان پرڏيهين جي واپسي ۽ افغان شهرين لاءِ انساني امداد بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغان شهرين کي موجوده حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ انساني بنيادن تي افغان شهرين لاءِ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو وڃي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، طالبان کي ح??وم?? سازي ۽ ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان کي افغانستان ۾ حڪمرانيءَ لاءِ مالي ۽ انساني وسيلا يقيني بڻائڻا پوندا، طالبان جي اثر هيٺ ح??وم?? افغانستان جي هڪ ئي ڏينهن ۾ يورپ جي ترقي ممڪن ناهي، افغانستان ۾ امڪاني انساني ڏُڪار بدامني ۽ لاقانونيت کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته انساني همدرديءَ تحت خوراڪ ۽ دوائن جون ٽرڪون ۽ جهاز افغانستان اُماڻيا آهن. موجوده حالتن ۾ پاڪستان افغان شهرين جي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جاري رکندو. گهرو وزير چيو ته هاڻوڪي تناظر ۾ پاڪستان ۾ نڪو افغان پناهگير آهي نه ئي افغان ڪيمپ. افغانستان مان غير ملڪي ۽ افغان شهرين کي ڪڍڻ لاءِ سهولت مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان طرفان 30 لک افغان پناهگيرن جي لڳاتار سارسنڀال ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ??ڏي?? قومون افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏينديون، انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ??ڏي?? قومن افغانستان لاءِ فنڊ ۽ امداد لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪيو آهي. هن چيو ته ??ڏي?? قومن ??ي عملي جي سيڪيورٽي ۽ ويزا سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان ح??وم?? جا شڪرگذار آهيون. گهرو وزير پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي امداد تي ??ڏي?? قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيا.