اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ??ين جي سفير نونگ رونگ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ، ويڪسين ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چين جي سفير وزيراعظم عمران خان ??ي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران نيڪ خواهشن ۽ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪاد جو پ??غا?? پهچايو. وزيراعظم چيني قيادت کي مبارڪباد جي پ??غا?? تي پنهنجي خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي ڪووڊ – 19 خلاف جنگ ۾ چين جي مسلسل حمايت ۽ ڪووڊ ويڪسين سهولت تحت ويڪسين جي فراهمي جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين فولادي ڀائر آهن ۽ ڪنهن به دشمن قوت کي ان دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي اج??زت نه ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان ??يو ته سي پيڪ تبديلي جو من??وب?? آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ کي بي آر آءِ جو اعليٰ معيار جو من??وب?? بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ من??وب?? جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهي، ملاقات ۾ واپار، ڪامرس، سيڙپڪاري، چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ کاڻين ۽ قدرتي وسيلن بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ ان ??الهه کي ورجايو ته افغانستان جي تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته هو افغان تڪرار جي سياسي حل لاءِ ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.