اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، پوري پاڪستان?? قوم ماحولياتي تبديلي جي خراب اثرن کان بچڻ لاءِ وڻ پوکي پنهنج?? قومي ذميداري پوري ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??ملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي ارب?? فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم سگيان ۾ مياواڪي وڻ ??وک?? جي مهم جو آغاز ڪندو. وڏي وزير سان ملاقات سميت گورنر هائوس پنجاب ۾ وزيراعظم کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان آب پاڪ اٿارٽي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم کي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز بابت بريفنگ ڏني ويندي.