فيصل آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وڻ لڳائڻ اسان جي قومي ذميواري آهي، اسان کي پاڪستان سميت پوري دنيا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻو آهي، موسمياتي تبديلي جي ح??ال?? سان اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فيصل آباد ۾ وڻڪار?? مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي لاءِ 14 سئو ارب رکيا آهن. وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. هن چيو ته پوري دنيا موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته و??ير??عظم عمران خان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪار?? مهم جي شروعات ڪئي. و??ير??عظم عمران خان جي هڪ ڪال تي پوري قوم متحد ٿي وڻڪار?? مهم ۾ حصو ورتو. هن چيو ته و??ير??عظم عمران خان جي وڻڪار?? مهم کي پوري دنيا ساراهيو آهي، اهو ئي سبب آه?? جو گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي ميزبان?? جو موقعو به پاڪستان کي مليو.