اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ آفريقا سان واپاري، ??يڙپڪاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جنرل رڊزيني مفوانايا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ س??ڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ دفاعي ميدان ۾ بهترين لاڳاپا آهن جنهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏ??ل تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. پاڪستان پنهنجي ”لڪُ افريقا“ پاليسي تحت ڏکڻ آفريقا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فوجي ۽ سياسي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ ان جي ڪاميابي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سي??يورٽي فورسز پاران انساني حقن جي پائمالين تي به روشني وڌي. هن چيوته ڀارت بي گناهه ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري انهن جي نسل ڪشي ۽ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ لاءِ غير ڪشميرين کي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهيو آهي، ??المي برادري ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. ان موقعي تي ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن کي گڏ??ل مفاد جي لاءِ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??در ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.