اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مدين?? جي رياست قانون جي حڪمراني ۽ انسانيت جي ڀلائ?? جي بنياد تي قائم ٿي، مسلمانن جڏهن ته انهن اصولن تي عمل ڪيو ڪاميا?? ٿيا، جن ملڪن انهن اصولن تي عمل ڪيو اهي ترقي ڪري ويا، جيڪي قومون قانون جي حڪمراني تي عمل ناهن ڪنديون اهي تباهه ٿي وينديون آهن، اميد آهي ته مسلمان ملڪ مدين?? جي رياست جي بنيادي اصولن تي عمل ڪري پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت محمد ﷺ جي سيرت مبارڪ ۾ تهذبي قدرن جي موضوع تي ٿي??دڙ عالمي ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. عالمي ڪانفرنس جو انعقاد رباط اسلامڪ ورلڊ ايجوڪيشنل، سائٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته حضور اڪرم ﷺ مدين?? جي رياست جي بنياد تي دنيا جي عظيم ترين تهذيب قائم ڪئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي رياست هو، اسان کي پيغمبر ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن سندس صاحبزاده به ڏوهه ڪندي ته ان کي سزا ملندي، ٻيو هن فرمايو ته اوهان کان پهريون ڪيتريون ئي قومون ان لاءِ تباهه ٿي??ن ڇاڪاڻ جو هنن طاقتور ۽ امير، غريب ۽ ڪمزور ماڻهن جي لاءِ ڌار ڌار قانون ٺاهي رکيا هئا، وزيراعظم چيو ته جن قومن ۾ قانون جي حڪمراني ناهي هوندي ۽ اتي جهنگل جو قانون هوندو آهي ته اهي جلد يا دير تباهه ٿي وينديون آهن جڏهن ته عظيم قومون انصاف جي اصولن تي عمل پيرا رهنديون آهن، وزيراعظم چيو ته اسان جي پيغمبر ﷺ انسانيت جي تاريخ ۾ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو رياست غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ ڪمزور طبق?? جي ذميداري قبول ڪئي، پينشن جو نظام به ٻي خليفي حضرت عمر جي دور ۾ شروع ٿي?? ۽ رياست بزرگ شه??ين جي امداد جي ذميداري ورتي. اها هڪ مثالي رياست هئي.