اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي ۽ ٻين عا??مي فورمن تي فلسطين مسئلي ۽ اسرائيلي ظلمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، فلسطي?? جي مسئلي جي پائيدار ۽ مستقل حل تائين وچ اوڀر ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، انساني جاني?? جي تحفظ ۽ مسئلي جي حل لاءِ عا??مي ضمير کي جاڳائڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جنرل اسيمبلي جو صدر 27 مئي تي پاڪستان جو دورو ڪندو، انساني همدردي جي بنياد تي فلسطيني ڀائر?? جي لاءِ امداد موڪلينداسين، پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهيون، وزيراعظم عمران خا?? جي هوندي ڪو آمريڪي اڏو پاڪستا?? جي سرزمين تي نه ٺهندو، اسان واضح ڪري ??ڏيو آهي ته ڊرون حملا برداشت نه ڪيا ويندا، اڄ پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي. سينيٽ ۾ فلسطي?? جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي اجلاس ۾ پاڪستا?? جي نمائندگي ڪندي هن ملڪ جو موقف پيس ڪيو ۽ اسان هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي.