اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا ??ائرس جي وبا جي حوالي سان ??ازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ??ائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ??ائرس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 97 ماڻهن جا ڪورونا ??يسٽ پازيٽو آيا ۽ 46 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 40 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 56 سيڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 55 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 50 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 37 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 574 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ??نڌ ۾ 14 هزار 519، پنجاب ۾ 14 هزار 411، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 207، اسلام آباد ۾ 5 هزار 264، بلوچستان ۾ 555، گلگت بلتستان ۾ 380، آزاد ڪشمير ۾ 238 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 67 هزار 234 ٿي چڪو آهي.