اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان کي مديني ج?? رياست وانگر رياست ٺاهڻ اسان ??ي اصل منزل آهي، وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت ۾ پنهنجي منزل کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گامزن آهيون، رستي ۾ رڪاو??ون ختم ٿينديون وينديون، حڪومت جي قدمن ۽ پاليسين جا ثمر جلد عوام کي نظر ايندا، مهانگائي جي روڪٿام اسان ??ي اولين ترجيح آهي، نه ته پي ٽي وي جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي ملازمن کي ڪڍيو پيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر س??ن گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??دائين ان ڳالهه تي زور ڏيندو آهي ته رياست ۾ عام ماڻهو کي هر ممڪن سهولت ميسر هوندي، مسئلا ۽ مشڪلاتون انهن جي گهر جي چائنٺ تي حل ٿين، اهو ئي مديني ج?? رياست جو ماڊل آهي، اصل ۾ اسان ??ي منزل جو تعين ٿي چڪو آهي ۽ اسان ??ي رخ به درست آهي، منزل تائين پهچڻ جي لاءِ وقت لڳندو آهي ۽ رستي ۾ رڪاو??ون به اينديون آهن، انهن سمورين رڪاوٽن کي اسان ??بور ڪري پنهنجي منزل مقصود تائين پهچڻو آهي.