اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هلال احمر سوسائٽي پاڪستان (پي آرسي ايس) کي هدايت ڪئي آهي ته ڪور??نا سبب متاثر ماڻهن کي طبي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي دائري ڪار ۾ وڌيڪ اضافو ڪري. هن ڪور??نا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هلال احمر، صحت واري قومي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جي وچ ۾ رابطا موثر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن اهي هدايتون ايوان صدر ۾ هلال احمر سوسائٽي جي چيئرمين ابرار الحق سان ملاقات دوران ڏنيون.