اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ?? گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 هزار 855 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري تازن انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان متاثر ٿيڻ کانپوءِ صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 67 هزار 892 ٿي ويو آهي، آزاد ڪشمير، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جو ڪو به مريضن وينٽي ليٽر تي نه آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪل ايڪٽو ڪيسن جو انگ 1 لک 5 هزار 224 آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ان ۾ 4 هزار 951 مريضن جو اضافو ٿيڻ سان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو م??موعي انگ 1 لک 76 هزار 617 ٿي ويو آهي. آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 813، بلوچستان ۾ 9 هزار 328، گلگت بلتستان ۾ 1 هزار 278، اسلام آباد ۾ 10 هزار 662، خيبرپختونخواهه ۾ 21 هزار 444، پنجاب ۾ 65 هزار 739 ۽ سنڌ ۾ 67 هزار 353 آهي. ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 119 فوتگين سان گڏ سڄي ملڪ ۾ فوتگين جو انگ 3 هزار 501 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 1 هزار 48، پنجاب ۾ 1 هزار 407، خيبرپختونخواهه ۾ 808، اسلام آباد ۾ 98، بلوچستان ۾ 100، گلگت بلتستان ۾ 21 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 19 فوتگيون ٿيون. سڄي ملڪ ۾ هيستائين 10 لک 71 هزار 642 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جي لاءِ مخصوص ڪيل 810 اسپتالن ۾ 6 هزار 619 مريض داخل آهن.