اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان ان فلسطيني رياست جو خواهشمند آهي جيڪا 1967ع کان اڳ هئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هو، ان تي ڳڻتي ۽ ابهام جي ڪا گنجائش نه آ??ي، ڪشمير تي اسان جو موقف اهو ئي آهي جيڪو ماضي جي حڪومتن جو هو، ان تي قومي اتفاق راءِ آ??ي، پارلي??ما??ي اتفاق راءِ جي لاءِ هڪ پارلي??ما??ي ڪشمير ڪميٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي پا??ستان تسليم نه ٿو ڪري، ڀارت جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر بڻجڻ جو سوال ئي نه آ??ي، غيرمستقل ميمبر پا??ستان ۽ ڀارت 7، 7 ڀيرا رهيا آهن هاڻي ڀارت جڏهن ته 2026ع ۾ پا??ستان اٺون ڀيرو غيرمستقل ميمبر جي مهم شروع ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آئون واضح طور تي چوان ٿو ته جن خدشن جو اظهار خواجه آصف ??يو آهي انهن ۾ ڪا حقيقت نه آهي. اهو چيو ويو ته عرب ملڪن جي موقف ۾ تبديلي آئي آ??ي، پاڪستان مسلمان ملڪن جي اثر هيٺ اچي ڪٿي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني نه ڪري رهيو هجي ته ائين هرگز نه آهي.