اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مالي سال 21 – 2020ع جي لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ مشڪل حالتن جي باوجود ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳا??و ويو، قرض وٺڻ جو ڪو شوق نه آهي، ماضي ??ي حڪومتن جي قرضن ۽ وياج جي اد??ئگي لاءِ نوان قرض ورتا پيا وڃن، نئين مالي سال ۾ 1600 کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي کي ختم ڪ??و ويو، ڪاروباري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، نئين مالي سال ۾ 200 ٽيرف لائينز تي ڊيوٽي کي گه?? ڪيو پ??و وڃي، 166 ٽيرف لائينز تي ريگيوليٽري ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي آهي، امپورٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس کي گه?? ڪيو پ??و وڃي، سيمنٽ تي ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 25 رپيا گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، تعميرات جي شعبي لاءِ ٽيڪسن کي اڌ ڪ??و ويو آهي، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح بدستور 30 رپيا في ليٽر آهي ان ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا آهن. صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نوشين جاويد امجد، ناڻي واري سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ ايف بي آر جي لينڊ روينيو ميمبر ڊاڪٽر حامد عتيق سرور سان گڏ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته موجوده حڪومت کي شروعات ۾ ئي ماضي ??ي حڪومتن پاران ورتل 30 هزار ارب رپين جي قرضن کي منهن ڏيڻو پيو هو، موجوده حڪومت پهرين سال ۾ 5 هزار ارب رپين جو ٻاهريون قرض اد?? ڪيو، جاري مالي سال ۾ 2700 ارب رپين جي ٻاهرئين قرضن جي اد??ئگي ڪئي وئي، حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي انهن معاملن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان جو ڪل ريسو??س بجيٽ 2000 هزار ارب رپيا هجي ۽ اسان قرضن ۽ وياج جي اد??ئگي ۾ 2700 ارب واپس ڪري رهيا آهيون ته ان جو مطلب آهي ته اها حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي.