اسلام آباد ??? 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل 20 سالن کان انتهائي مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان افغان پن??هگيرن جي ميزباني ڪئي آهي ۽ اسان پنهنجي سمورين مشڪلاتن جي باوجود افغان پن??هگيرن جي ميزباني جاري رکي، الله تعاليٰ قرآن پاڪ جي ذريعي اسان کي انسانيت تي رحم ۽ ڪرم جو درس ڏنو آهي، اسلام صرف مسلمانن جي حقن جو احترام ئي نٿو سيکاري پر انسانيت جي تعظيم جو به درس ڏي ٿو، اولهه دنيا ۾ اسلامڪ فوبيا مسلمان پن??هگيرن جي مسئلن ۾ تمام گهڻو ??ضا??و ڪيو، مودي حڪومت نازي فلسفي کي هٿي وٺرائي رهي آهي، موجوده ڀارت گانڌي ۽ نهرو جي ڀارت ناهي رهي، گڏيل قومن ڀارت جي حالتن جو نوٽيس نه ورتو ته عالمي امن کي شديد ??طرا لاحق ٿي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ افغان پن??هگيرن جي قيام جي 40 سالن جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو.