لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻين حڪومتن جي غلط قدمن جي ڪري حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا، ماضي جي حڪمرانن پنهنجي ٻارن جو سوچيو عوام جو نه ۽ اهڙا فيصلا ڪ??ا جن جو نتيجو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي ر??يو آهي، ماضي ۾ مسئلن کي ڪارپيٽ جي هيٺان لڪايو ويو، بلن ۾ اضافو هڪ مشڪل فيصلو آهي، هاڻي معيشت بهتر ٿي رهي آهي ۽ ملڪ ترق?? طرف گامزن آهي. هو لاهور پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائي رهي هئي.