اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ??ادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن لاڳاپن کي گهڻ رخي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ هڪ ٻي جي تجربن مان گهڻو ??جه?? سکي سگهن ٿا ۽ ادار?? جاتي تعاون ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان رابطاڪاري کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي ٿو، سوئٽزرلينڊ جي پارلياماني وفد جي دوري جا جلد مثبت نتيجا سامهون ايندا. اهڙن خيالن جو اظ??ار سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سوئٽزرلينڊ جي رياستن جي ڪا??ونسل جي صدر جين ??يني فرنيئر جي سربراهي ۾ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جو دورو ڪندڙ پارلياماني وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو.