اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جتي معدفي ذخيرا آهن هو پٺي تي پيل علائقا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته معدنيات جي ترقي جي ثمرن سان مقامي ماڻهن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ ترقي ۾ حصو ملي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن ??اڪ??تان منرلز سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??اڪ??تان ٻيهر ٽيڪ آف جي لاءِ تيار ٿي رهيو آهي، پاليسن جي تسلس کي جاري رکيو، 2035ع تائين ??اڪ??تان هڪ هزار ارب ڊا??ر جي معيشت بڻجي سگهي ٿو ۽ في ڪس آمدني چار هزار ڊا??ر ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ عالمي سيڙپڪار اچي رهيا آهن ??ن سان ملڪ جي معاشي ترقي سان گڏوگڏ عوامي ترقي به ٿيندي، اسان کي پنهنجي محنت سان ترقي ڪرڻي آهي، ترقي جي ان عمل ۾ سڀني کي شامل ڪرڻو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ کاڻين کوٽڻ واري شعبي ۾ ڪيترائي موقعا آهن ۽ کاڻين کوٽڻ کي شروع ڪرڻ لاءِ اسان وٽ اهو درست وقت آهي.