اسلام آباد – 09 م??رچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن ٻي جي نه صرف پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندو، سازش تحت عالم اسلام ۾ مس??مانن جو رت وهايو پيو وڃي، پوري عالم اسلام جون نظرون هن وقت پاڪستان تي لڳل آهن، جيڪڏهن مس??مان امت جي اتحاد جي حوالي سان اسان موثر اڳڀرائي جو آغاز نه ڪيو ته اسان جو داستان به نه هوندو داستانن ۾، ماضي جا حڪمران جيڪڏهن پنهنجي اقتدارن جي لاءِ ٺاهه نه ڪن ها ته آمريڪي جنگ پاڪستان جي سرزمين جي اندر نه وڙهي وڃي ها، گڏيل قومن جي انساني حق?? جي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي جي غير حاضري جو نوٽيس ورتو ويندو ۽ پارليامينٽ کي آگاهه ڪيو ويندو، قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن طرفان اٿاريل نقطن جي ج??اب ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو ته جيڪو مسئلو هن ايوان ۾ اٿاريو ويو آهي اهو اهميت رکندڙ آهي، انساني حق?? جي اجلاس بابت صورتحال تي ايندڙ سومر تي پارليامينٽ کي آگاهه ڪندس