ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معا??ري ۾ خصوصي ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مرڪزي ڌارا تع??يمي ادارن ۽ هنرمندي جي پروگرامن جي ذريعي انهن جي تع??يم ۽ تربيت جو اهتمام ڪيو وڃي، سرندي وارا ماڻهو معا??ري مان غربت جي خاتمي لاءِ اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ الشفا ٽرسٽ، اسپيشل اسڪول ۽ بحالي مرڪز جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ معذور ماڻهن جي جسماني پهچ کي ??سان بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پهرين ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته مختلف معذور ماڻهن کان ڪا به فيس وصول نه ڪئي ويندي، صدر خصوصي ماڻهن جي مناسبت سارسنڀال جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ سرندي وارن ماڻهن کي چيو ته هو معا??ري مان غربت جي خاتمي لاءِ اڳتي اچن. هن چيو ته اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ انسان دوستي ۽ معاشرتي احيا تي زور ڏنو آهي، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت احساس پروگرام تحت خصوصي ماڻهن کي ماهوار 2000 روپيا فراهم ڪيا آهن، هن ڪووڊ 19 جي دوران احساس پروگرام جي ڪوششن کي ??اراهيندي چيو ته پاڪستان وبا جي بحران دوران موثر طريقي سان حالتن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ دنيا ان حوالي سان حڪومت پاران کنيل قدمن کي ??ارهيو آهي. پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيتو آفيسر ايئر مارشل ارشد ملڪ تقريب کي ??طاب ڪندي صدر مملڪت ۽ بيگم ثمينه عارف علوي جو ٿورو ادا ڪيو ۽ معا??ري تي زور ڏنو ته هو فنڊ ريزنگ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ته جئين خصوصي مقصد جي لا3 تعاون ڪري سگهجي. هن چيو ته الشفا پي آءِ اي جي فليگ شپ سي ايس آر جو حصو هو جيڪو 1967ع ۾ سول ايوي ايشن جي تعاون سان سوشل ويلفيئر ايجنسي جي طور تي شروع ٿيو ۽ 1981ع ۾ الشفا ٽرسٽ ۾ تبديل ٿي ويو، هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي پنهنجي ڪا??پوريٽ ڪردار کانسواءِ ڪا??پوريٽ سماجي ذميداريون به پوريون ڪري رهي آهي. تقريب جي پڄاڻي تي الشفا ٽرسٽ جي خصوصي ٻارن هڪ خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيو جنهن کي ??در عارف علوي ۽ بيگم ثمينه عارف علوي گهڻو ساراهيو. تقريب ۾ غير ملڪي سفارتڪارن، صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ معززين شرڪت ڪئي.