اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پا??ستان جي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان ۽ پرتگال جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پا??ستان جي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن امان لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ امان ضروري آهي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پرتگال جي پرڏيهي وزير آگستو سينطوس سلوا سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي، علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل قومن جي فورم تي ٻنهي ملڪن جي تعاون تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پرتگال سان پا??ستان جي گڏيل لاڳاپن، خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏي?? جي خ??اهش جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس تي اعتماد جو اظهار ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پا??ستان ۽ پرتگال جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏي?? لاءِ ان گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي. علائقائي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان پا??ستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پا??ستان جي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن امان لاءِ افغانستان ۾ امن امان ضروري آهي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو افغانستان سان رابطن جي ذريعي مثبت قدمن کي يقيني بڻائي ته جيئن افغان عوام جي ضرورتن موجب انساني بنيادن تي ان جي مدد ڪري سگهجي ۽ افغانستان کي معاشي تباهي کان محفوظ رکي سگهجي. هن افغانستان سان سفارتي عملدارن ۽ عالمي ادارن جي عملي جي محفوظ نڪرڻ جي حوالي سان پا??ستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو، هن پرتگال جي پنه??جي هم منصب کي ڀارت جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، جنگي ڏوهن، انسانيت جي خ??اف ڏوهن، نسل ڪشي ۽ ڀارت جي غير قانوني والاريل ڄمون ?? ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل قراردادن ۽ عالمي انساني حقن جي قانونن جي خ??اف ورزين جي حوالي سان عالمي برادري کي فراهم ڪيل ثبوتن تي مشتمل ڊوزيئرز جي باري ۾ به ٻڌايو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پا??ستان ۽ پرتگال جي گڏيل رابطن سميت اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي خ??اهش جو به اظهار ڪيو.