اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊون 2023ع ۾ آءِ وٽنگ سان اوورسيز پ??ڪس??انن کي ووٽ ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ رجسٽريشن جلد شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??اني رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پرڏيهي پ??ڪس??انين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب اڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽ??لي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق، سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ، سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي واري وفاقي سيڪريٽري نديم ارشد ڪياني، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽ??لي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، ڊي جي آءِ ٽي اي سي پي خضر عزيز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته توهين عدالت کان بچڻ لاءِ چونڊن ۾ آءِ ووٽنگ سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين جي شرڪت يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ عدالت ان حوالي سان هدايتون ڏئي چڪي آهي، لاڳاپيل ادارا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽ??لي ڪيمونيڪيشن واري وزارت، سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي واري وزارت، نادرا ۽ ٻاهرين ملڪ مشنز، اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ تقريبن 90 لک اوورسيز پ??ڪس??انين جي رجسٽريشن لاءِ انتظام ڪري هن سائنس ۽ ٽ??ڪنالاجي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هو موقف کي ثبوت جي طور تي اي سي پي کي بريفنگ لاءِ پروٽوٽائيپ اي وي ايم ٺا??ي ته جيئن حتمي اي وي ايم اليڪشن ڪميشن پاران بهتر خصوصيتن موجب بڻائي سگهجي، هن چيو ته چونڊ سڌارن جو عمل اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ ۽ بنيادي ذميداري آهي.