اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اجهو، لٽو ۽ ڳڀو جي نعري جي آڙ ۾ زرداري ملڪي دولت لُٽي مني ل??نڊرنگ ڪئي جعلي اڪائونٽس ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ سري محل ٺاهيا، سنڌ ۾ ٽيون ڀيرو پيپلزپ??رٽ?? جي حڪومت آهي سواءِ غربت، ڪرپشن ۽ لُٽ مار کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ??نو. سنڌ ۾ غربت جي ڪري وفاقي حڪومت پاران احساس ايمرجنسي ڪيش جي سڀ کان وڌيڪ 57 ارب 13 ڪروڙ 39 لک 96 هزار سنڌ ۾ ورهايا ويا، جيڪي مجموعي فنڊن جو 35 سيڪڙو آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ٻڌائي سنڌ جي عوام ??ي مفت علاج لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڇو نه ڏئي رهيو آهي، پرچي چيئرمين سچ ٻڌائي ڇا ڪڻڪ خريداري جي ??مد??دي قيم?? 1400 کان وڌائي 2000 هزار روپيا في مڻ ڪرڻ جو اثر اٽي جي قيمتن تي نه ايندو؟ هن چيو ته 2008ع کان 2013ع تائين پيپلزپ??رٽ?? جي حڪومت ۾ فصلن جي گروٿ سراسري 1.25 جڏهن ته آبادي جي گروٿ 2 سيڪڙو هئي، توهان جي ڪري ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿيا، هن چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت غذائي تحفظ جي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پرچي چيئرمين واڳون وارا ڳوڙها نه وهائي پر سنڌ ۾ ذخيرو اندوز مافيا جي خلاف ايڪشن کڻي.