اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سان هنگري جي پرڏيهي ۽ واپار واري وزير پيٽر سيزج جارتو جمعي تي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستاڻي رابطن جي مناسبت ۽ پوٽينشل کي نظر ۾ رکندي مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آبي وسيلن جي انتظام، خوراڪ ۽ زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي و??ائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم هنگري جي ڪاروباري برادري تي زور ڏ??و ته هو ڪاروبار دوست ماحول جو فائدو کڻندي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. ملاقات ۾ ڪووڊ – 19 جي وبا جي معيشت تي منفي اثرن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم ع??را?? خان پنهنجي عوام جي ويڪسينيشن جي سلسلي ۾ هنگري ج?? حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان نه رڳو پنهنجي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پر انهن کي معيشت تي ٿيندڙ منفي اثرن کانپوءِ بک جي هٿان مرڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، وزيراعظم افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته افغانتسان ۾ تڪرار جو ڪوبه فوجي حل نه آهي ۽ صرف ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلي ج?? سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.