اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي ۽ ڪا به ڪالعدم تنظيم حڪمران پارٽي کي بليڪ ميل نه ٿي ڪري سگهي، حڪومت مسئلن کي حل ڪرڻ جي ??اءِ ڳالهين جو سلسلو جاري رکندي. نجي ??ي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالعدم تنظيم جي ??نفي پروپئگنڊه مايوس ڪندڙ آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪالعدم تنظيم جي ??ظاهرين جي خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن نوان ڪوٽ پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو هو. چوڌري فواد حسين چيو ته مظاهرين پاران اغوا ڪيل پوليس اهلڪارن جي بازيابي جي ??اءِ ڪارروائي ڪئي وئي هئي، ڪنهن کي به حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. تحر??ڪ انصاف ۾ جهانگير ترين جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته جهانگير ترين اڃا ب?? پي ٽي آءِ جو ??يمبر آهي. احتساب جي عمل بابت وفاقي وزير چيو ته احتساب بابت قومي ادارا بنا ڪنهن فرق ۽ آزاداڻي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن.