اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ت?? حڪومت احتجاج جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي وڌي، اسلام آباد جي شاهراهن تي ٽريفڪ جي روانگي عمران خان جي جمهوريت پسندي جو ثبوت آهي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فرا?? پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته قوم ناهي وساريو جڏهن (ن) ليگي حڪومت تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو هو، قوم ما??ل ٽائون سانحو به ڪڏهن وساري نٿي سگهي.