اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ”راست“ نظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، راست پروگرام سان غربت جي خاتمي ۾ به مدد ملندي، بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ سان ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو. پاڪستان جي پهرين فوري ڊيجيٽل ادائيگي جي نظا?? ”??است“ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم راست نظام جاري ڪرڻ تي ا??ٽي?? بئنڪ کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته راست نظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، ان سان ادائيگين جي نظام کي محفوظ ۽ موثر بڻائي سگهبو. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، 22 ڪروڙ جي آبادي مان رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا ۽ انهن مان به 70 سيڪڙو ٽيڪس رڳو 3 هزار ماڻهو ڏين ٿا، گهٽ روينيو جي ڪري اسان ??لڪ?? تعمير ۽ ترقي تي وڌيڪ خرچ نه ٿا ڪري سگهون.