اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي سڃاڻپ ڪمزور ??بقي سان ٿيندڙ سلوڪ سان ڪئي ويندي ??هي، اسلام آباد پوليس کي نئين پاڪستان وانگر نئين پوليس جي طور ??ي نظر اچڻ ??هر??ي، عام شهري کي عزت ڏني وڃي، پوليس کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت ڏينداسين، نيا پاڪستان هائوسنگ ۾ کين قسطن تي گهر ڏنا ويندا، پگهار وڌائڻ تي غور ڪيو ويندو، فوج ملڪي سرحدن ۽ پوليس عوام جي جان ۽ مال جي محافظ آهي، حرام پئسو ڪمائيندڙ اڄ عبرت جو نشانو بڻيل آهن، تمام گهڻو پئسو هجڻ جي باوجود ڪڏهن اسپتالن ۾ وڃي رهيا آهن ته ۽ ڪڏهن ملڪ کان ٻاهر، ٻار به ٻاهر ڀڄي ويا آهن ۽ والد جي چوري لڪائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي. اه??ن خيالن جو اظهار هن پوليس لائنز ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.