اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال جو قوم جي حيثيت ۾ مقابلو ڪرڻو آهي، وڌندڙ سرديءَ سان گڏ ڪورونا ب?? وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، جلسا جلوس ڪندڙ عوام جون جانيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن، جلسا جلوس ٻن ٽن مهينن کانپوءِ به ٿي سگهن ٿا، جلسن جلوسن سان حڪومت کي ڪو فرق نه پوندو، پي ڊي ايم جلسن جي ڪر?? ملتان ۾ 64 ۽ پشاور ۾ 40 سيڪڙو ڪورونا جي مريضن لاءِ اسپتالن ۾ مخصوص بستر ڀرجي چڪا آهن، جڏهن وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيندا ته ڪورونا تيزي سان پکڙجندو، عوام احتياطي تدبيرون اختيار ڪر?? ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪورونا کان بچا??ي. ??ن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا جي صورتحال بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.