اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن ??ين??ر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ اسپري جي ط??يقيڪار ۽ ضرورت جي حوالي ??ان جلد هڪ ٺوس حڪمت عملي ??وڙيندي، صحت وارين وفاقي ۽ صوبائي وزارتن 5 نقطن تي اتفاق ڪيو آهي جن ۾ ڪوويڊ 19 جي شڪي مريضن جي لاڏاڻي جي هڪ نظام تحت تحقيق، وائرس جي ڪنهن علائقي ۾ عدم م??جودگي بابت سروي، قرنطينه جي حڪمت عملي، وائرس کان بچاءُ لاءِ اسپري ۽ اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ دستياب بسترن ۽ وينٽي ليٽرز بابت تازي معلومات جي فراهمي جو طريقيڪار شامل آهي. اين سي او سي جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ هتي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن ??ين??ر ۾ ٿيو.