اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) تعليم واري و??اقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته قوم کي خاطري ڪرايون ??ا ته ڪرونا وائرس جي وبا جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ سڄي قوم کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، ان ۾ سمورن صوبن کي به گهرايو ويو آهي جنهن ۾ ان حوالي سا?? اهم فيصلا ڪيا ويندا، هر ملڪ ان بيماري جي خلاف پنهنجي طور قدم کڻي رهيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سا?? اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي و??اقي وزير شفقت محمود چيو ته واقعي وڏي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، حڪومت ان صورتحا?? کان آگاهه آهي ۽ قدم کنيا پيا وڃن.