لاهور – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ايڊورٽائيزنگ، مارڪيٽنگ ۽ ميڊيا جي شعبن سان ت??لق رکندڙ ناليوارين ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيتن گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۽ ڏاج جي وبا جي خاتمي لاءِ ٽرڪ آرٽ وسيلي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو خيال پيش ڪندي چيو آهي ته ايڊورٽائيزنگ ۽ ميڊيا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، ايڊورٽائيزنگ انڊسٽري لاهن چاڙهن جي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ بهتري طرف گامزن آهي، اميد آهي ته اها انڊسٽري ٻيهر پنهنجي بلندين ت??ئين پهچندي، برانڊ کي ڪا??ياب بڻائڻ جي لاءِ ايڊورٽائيزنگ جو شعبو انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ اسان اشتهارن ذريعي ڪيترين ئي قدرتي آفتن کان به بچي سگهون ٿا، 31هين ايڊ ايشيا ڪا??فرنس منعقد ڪرڻ نه رڳو ملڪي سطح پر عالمي سطح تي ايڊورٽائيزنگ کي مثب?? انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ٽن ڏينهن واري ايشين ايڊورٽائيزنگ ايڊ ايشيا ڪا??فرنس 2019ع جي افتتاحي ڏينهن مختلف سيشنز ۾ ڪيو ويو، جيڪا صوبائي گادي واري شهر لاهور ۾ الحمرا هال ۾ شروع ٿي.