اسلام آب??د – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ??زيراعظم عمران خان محمد نواز ??ريف جي صحت جي حوالي سان پل پل باخبر آهي، حڪومت ڪنهن بيمار جي بيماري تي سياست نٿي ڪرڻ چاهي، سياست ڪرڻ جي لاءِ ٻيا ڪيترائي موضوع آهن، هو جمعي ڏينهن واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهئي هئي، وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ??زيراعظم عمران خان نواز ??ريف جي صحت بابت مسلسل اپ ڊيٽ وٺي رهيو آهي، وزيراعظم ئي ميان نواز ??ريف جي صحت بابت معلومات لاءِ ڊاڪٽر فيصل کي موڪليو آهي.