اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀ کا?? وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي، حڪومت چونڊ، معاشي ۽ عدليه سڌارن، عوام جي ڀلائي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي، مخالف ڌر جيڪڏهن ان ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ چاهي ته ان جي آجيان ڪ??دا??ين، سينيٽ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي جي يو آءِ (ف) جي پـٺيءَ ۾ ڇرو گهونپيو آهي، ڪنهن به شارٽ يا لانگ مارچ جي ڪا پرواهه نه آهي، مخالف ڌر کي اسلام آباد ۾ هڪ گلدان به ٽوڙڻ نه ڏي??دا??ين، پي ڊي ايم پراڻو قصو بڻجي چڪي آهي، ان ۾ شامل سموريون پارٽيون عوام جو رت چوسڻ ۽ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦرڻ تي قوم کا?? معافي وٺي ڪفارو ادا ڪن، وزيراعظم اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ سدائين اوپن ووٽنگ تي زور ڏنو ۽ مخالف ڌر ووٽن جي خريد ۽ وڪرو ڪري سيڪريٽ بيلٽنگ چاهيندي هئي، سينيٽ جي چونڊ عام چونڊن کا?? مختلف آهي، هتي هائوس چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ رولز تحت ڪري ٿو، جيڪڏهن مخالف ڌر ان معاملي تي عدالت يا ڪنهن به فورم تي وڃڻ چاهي ته اها انهن جي پنهنجي مرضي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جمهوري عمل جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. نئين چونڊيل سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي ۽ پاڪستاني عوام کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته صادق سنجراڻي بلوچستان سان تعلق رکي ٿو ۽ وزيراعظم عمران خان جي پراڻي خواهش هئي ته اهي علائقا جيڪي ماضي ۾ نظرا??دا?? ڪيا ويا انهن جي لاءِ عملي طور تي ڪجهه ڪيو وڃي. هن چيو ته اڳوڻو فاٽا به تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو هو، ان جي ترقي لاءِ وزيراعظم فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام ڪيو، اهو هڪ مشڪل ڪم هو، صدين کا?? هلندڙ نظام کي بهتر طريقي سان خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ويو ۽ ان علائقي جي ترقي جي لاءِ 100 ارب جو فنڊ ڏنو ويو. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان ۽ فاٽا کي بطور سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين نمائندگي ڏني وئي آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت سمجهي ٿي ته ادارا پنهنجو پنهنج?? ڪم ڪندي عوام جي خدمت ڪن ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پارليامينٽ ج?? ڪم قانونسازي ڪرڻ آهي جيڪا سڌوسنئون عوام جي لاءِ ٿيندي آهي پر گذريل اڍا??ي سالن ۾ بدقسمتي سان پنجاب مان مسلم ليگ (ن) ۽ ڳوٺاڻي سنڌ جي علائقائي پارٽي پيپلزپارٽي قانونن ۽ سڌارن کي منظور ٿيڻ نه ڏنو. مخالف ڌر جي سياست جو مقصد ذاتي مفاد ??اصل ڪرڻ آهي، هي اهڙن ماڻهن کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ پسند ڪن ٿا جيڪي خاص گروهه جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهن، انهي بنياد ??ي گذريل 30 کا?? 35 سالن جي سياست ادارن کي مفلوج ۽ عوام کي انصاف ۽ خوشحالي کا?? محروم رکيو. ان دوران عوام جي لاءِ ڪجهه نه ٿيو پر نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ۽ ان جي خاندانن لنڊن، آمريڪا ۽ ٻاهرئين ملڪن ۾ پنهنجون ملڪيتون ۽ فيڪٽريون ٺاهيون، جڏهن اهي ماڻهو سياست ۾ آيا ته هڪ فيڪٽري هئي ۽ هاڻي 29 فيڪٽريون آهن. هن چيو ته عوام عمران خان جي عزم ۽ بي داغ قيادت تي اعتماد ڪندي 2018ع جي چونڊن ۾ وڏي مينڊيٽ سان ڪامياب ڪرايو. عمران خان چاهي ٿو ته پارليامينٽ ۾ ايندڙ ماڻهن جي لاءِ هڪ معيار ۽ اهرو طريقيڪار هجي جنهن ۾ پئسي جي سياست نه هجي، قابليت ۽ اهليت جي بنياد ??ي ماڻهو پارليامينٽ ۾ اچن ۽ علائقي جي عوام جو آواز اٿارين. انهي اڻٿڪ محنت کا??پوءِ اڄ پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀ کا?? وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي. هن چيو ته گذريل 40 سال سياست ڪندڙ پارٽيون اڄ علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن. مخالف ڌر ڪڏهن به قانون جي بالادستي نه چاهي ڇو ته اها انهن جي مفادن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت جي محنت جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اڄ ملڪ ۾ رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آهي. هن چيو ته مهانگائي چئلينج آهي. وزيراعظم پنهنجو پورو ڌيان انهي تي ڏنو آهي، روزاني جي بنياد ??ي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي قدمن جي نگراني ڪري رهيو آهي.