اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان ۽ ٿائيلينڊ قابل اعتماد دوست آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. اها ڳالهه هن پا??ستان ۽ ٿائي لينڊ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي ياد ۾ گڏيل لوگو جاري ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ پيغام ۾ چئي. پ??ڏي??ي ??في?? جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ ورچوئل تقريب منعقد ٿي، پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ مملڪتي وزير ڊان پرموڊونائي جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا، تقريب جي گڏيل صدارت عالم افتخار احمد، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ)، ۽ ڊرام بونٿم، ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيائي، وچ اوڀر ۽ آفريقي معاملا) ڪري رهيا هئا. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي پ??ڏي??ي وزارت ۽ اسلام آباد ۽ بئنڪاڪ جي سفارتخانن جي عملدارن به شرڪت ڪئي، پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته پا??ستان ۽ ٿائي لينڊ قابل اعتماد دوست ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پ??ڏي??ي وزير چيو ته اسان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي لحاظ کان گهرا ۽ مستحڪم بنيادن تي قائم آهن، ٿائي لينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير ڊان پرموڊونائي ان موقعي تي پا??ستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. 7 ڏهاڪن جي ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ايندڙ سالن ۾ ٿائي لينڊ ۽ پا??ستان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ گهرا ٿيندا. گڏيل لوگو جي نقاب ڪشائي کانسواءِ ”7 ڏهاڪا – 7 سنگ ميل“ جي موضوع تي هڪ وڊيو به ڏيکاري وئي.