اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ جاري اهم م??صوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ، يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهترين استعمال جي لاءِ نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آه??. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ سان لاڳاپيل معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم واري وف??قي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وف??قي وزير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن جي دپٽي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ هايئر ايج??ڪي??ن ڪميشن کي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ 168 منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ 42 ارب رپيا رکيا ويا آه??. انهن منصوبن ۾ 29 ارب رپيا ماليت جا 128 جاري منصوبا جڏهن ته 12 ارب رپيا ماليت جا 40 نوان منصوبا شامل آه??. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ جاري اهم م??صوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم م??ڪي وسيلن جي موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هايئر ايج??ڪي??ن ڪميشن جي مدد سان هلندڙ وظيفن جي پروگرام جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم صوبن ۾ وف??قي حڪومت جي معاونت سان هلندڙ مختلف يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليمي معيار کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهتر استعمال جي حوالي سان نظام جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن تعليمي نظام ۽ يونيورسٽين جي حوالي سان پڻ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ حڪومتي پاليسين کي موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم فني ۽ پيشيواراڻي تعليمي نظام جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نوجوانن کي جديد دور جي گهرجن موجب علم ۽ هنر سان ليس ڪري موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻائي سگهجي.