اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته اڳتي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي منصوبا جوڙيا وڃن ۽ مهانگائي جي شرح کي روڪڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايندڙ بجيٽ ۽ ملڪي معيشت جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ?? ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان پارٽي جي سينيئر قيادت کان تجويزون طلب ڪيون ويون. اجلاس ?? ملڪي معيشت، مهانگائي کي روڪڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ايندڙ مالي سال ۾ ترقياتي منصوبن تي تف??يل?? ڳالهه ٻولهه ٿي.