ڪوئيٽا – 28 اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جو دارو مدار ان جي هيٺين طبقن جي ترقي ۾ آهي، مديني جي رياست ۾ حڪمرانن محلا??ون ناهن ٺاهيون، اسان پوئت?? پيل علائقن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، الله تعاليٰ غريبن ۽ انسانيت جي خدمت ڪندڙن کي عزت ۽ ڪاميابي سان نوازيندو آهي، بلوچستان جي محرومي کي ختم ڪرڻ اولين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ۾ اين ايڇ اي جي مخت??ف منصوبن جو سنگ بنياد رکيو ۽ افتتاح ڪيو.