اسلام آ??اد – 21 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا ??اڳ??پا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت جي وڏي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان ٻڌمت جي مقدس جاين ۽ آثار جو شاندار امين آهي، عوامي رابطن ۽ مذهبي سياحت سان بطرفي تعاون کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ ۾ مددگار ثابت سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي ٻڌ راهبن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.