اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کا??پوءِ خ??بر??ختونخوا ۾ سڀ کا?? وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 105 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ڄي ملڪ ۾ 5 هزار 312 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کا?? ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 79 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 68 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کا?? پشاور ۾ 84 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 64 سيڪڙو، گجرات ۾ 80 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 54 هزار 948 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ??نڌ ۾ 9 هزار 392، پنجاب ۾ 25 هزار 871، خ??بر??ختونخواهه ۾ 8 هزار 90، اسلام آباد ۾ 8 هزار 711، بلوچستان ۾ هڪ هزار 257، گلگت بلتستان ۾ 467، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 160 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 25 هزار 789 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 509 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 69 هزار 811 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کا?? متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 10 هزار 829 آهي.