اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪو??ت کي ملڪي معاشي حالتن جي ڪري غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي، عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، حڪومتي سبسڊي جو شفاف ۽ موثر استعمال موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران ??ان پنهنجي صدارت ۾ معاشري جي مستحق ۽ غريب ماڻهن کي خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جي خريداري ۾ حڪومت پاران ??ڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي جي حوالي سان ??جلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، لاڳاپيل وزارتن جا ??يڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي تجويز ڪيل احساس فوڊ اسٽيمپ پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ڄاڻايل پروگرام جي مقصدن ۽ ??ري??يڪار جي حوالي سان ??ريفنگ ڏني، ان پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي ضروري شين جي خريداري ۽ حڪومت پاران ??ڌي سنئين سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي سان مستحقين تائين حڪومتي امداد سڌي سنئين، شفاف ??ري??ي ۽ فوري طور تي ميسر ايندي، ان پروگرام جو مقصد اڻ سڌي سبسڊي جي نظام کان ??ڌي سنئين مالي مدد جو ??ري??يڪار اختيار ڪرڻ آهي، وزيراعظم کي پروگرام مان فائدو کڻندڙ خاندانن ۽ ماڻهن جي انگن اکرن ۽ شروعاتي ڪاٿو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم تجويز ڪيل پروگرام کي ساراهيندي چيو ته حڪو??ت کي ملڪي معاشي حالتن جي باوجود غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ??ي هر ممڪن ڪوشش آهي ته غريب عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪيو وڃي، غريب عوام کي ريليف پهچائڻ اسان ??ي ذميداري آهي، اسان کي پنهنجي ذميداري جو مڪمل احساس آهي ۽ اسان ??ن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.