اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چين جي نئين قمري سال جي آغاز جي موقعي تي چين جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ??هي ته چين ۽ پاڪستان دوستي جي مضب??ط رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان ۽ چين دوست آهن ۽ رهندا، اسان زراعت، ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ چين جي تجربن مان سکڻ چاهيون ٿا. هو هتي چين جي نئين قمري سال جي آغاز جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، اوورسيز ڪميونٽي جي صدر نعمت الله جان ۽ جنرل س??ڪر??ٽري شوڪت علي به خطاب ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??ه پاڪستان ۽ چين مضب??ط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، چين پنهنجي قيام سان ئي پاڪستان س??ن لاڳاپا قائم ڪيا ۽ اهي لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿيندا ويا، هن چيو ??ه اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته چين جي عوام ۽ متحرڪ قيادت پنهنجي محنت جي زور تي ترقي حاصل ڪئ??، پاڪستان کي جڏهن به مشڪل وقت پيش آيو چين س??ائين س??ٿ ڏنو