اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزار جي هدايت تي هيومن رائيٽس ج?? پارليامينٽري سيڪريٽري لالچند مالهي ڪرڪ ضلعي جي ??وٺ ٽيري ۾ ساڙيل ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندڙ شري پدم هنس مهاراج جي مندر جو دورو ڪيو. ات?? پارلياماني سيڪريٽري مقامي امن جرڳي ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي. امن ڪميٽي انتظاميه ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته مندر تي حملو پوليس جي موجودگي ۾ ٿيو. پوليس جاني نقصان کان بچڻ لاءِ فوري ايڪشن کان پاسو ڪيو، انتظاميه بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته شري پدم هنس مهراج جي مندر تي حملو ڪندڙ مرڪزي ملزم مولي محمد شريف کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت تائين 45 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ان موقعي ت?? وفاق?? پارلياماني سيڪريٽري هندو برادري کي خاطري ڪرائي ت?? وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ا??لي??ن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر مم??ن قدم کڻندي ۽ ا??لي??ي برادري جي مقدس ماڳن جي به حفاظت ڪندي.