اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته سينيٽر ڪلثوم پروين ٽي ڀيرا هن ايوان جي ميمبر منتخب ٿي، سندس لاڏا??ي جو گهڻو ڏک ٿيو آهي، هر هڪ کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، اصل شيءَ اسان جا اعمال آهن، اسان کي پنهنجا اعمال کڻي وڃڻو آهي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ سينيٽر ڪلثوم پروين جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شبلي ف??از چيو ته اها اسان جي لا??ِ تاڪيد آهي ته اسان کي هن ايوان ۾ ويهي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي خدمت جي لا??ِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪرڻو آهي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب ملڪ کي مشڪل حالتون درپيش آهن، بنا ڪنهن مدد جي باوجود اسان مشڪلاتن جو مقابلو ڪيو، اسان جي معيشت باقي ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي، ان ۾ اسان جي حڪومت جي حڪمت عملي به شامل هئي.