اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز گلگت بلتستان ج?? عوام ک?? پولنگ جو عمل پرامن انداز ۾ خوش اسلوبي سان مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا ۽ گلگت بلتستان ج?? غيرتمند عوام مخالف ڌر جي متوقع ڌانڌلي بيانيي کي زمين بوس ڪري ڇڏيو آهي. پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته چونڊ عمل ۾ بزرگن ۽ عورتن س??يت عوام جي ڀرپور شرڪت ۽ شفافيت ميڊيا پنهنجي ڪئميرائن ج?? اکين سان ڏيکاري آهي.