اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز ??ري?? ۽ آصف زرداري ٻنهي جي بيماري جو سبب هڪ ئي آهي، قوم سان هاڻي اها دوکيبازي نه هلندي، قوم جو مال ته واپس ڪ??ڻو ئي پوندو، ڪرپشن سان ملڪ جو بنياد کوکلو ڪرڻ جو جواب ته ڏيڻو پوندو، عمر??ن خان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان ملڪي دولت ڦريندڙن جي اعصاب تي سوار آهي، قانون جي حڪمران جو دعويدار بلاول صاحب پنهنجي انڪل نواز ??ري?? کي چوي ته واپس عدالت ۾ پيش ٿي قانون جي حڪمراني جو عملي ثبوت ڏي. هن چيو ته بلاول ان ڪرپٽ ورثي جو نمائندو آهي جنهن ملڪ جو بنياد کوکلو ڪيو، پيپلزپارٽي کي ڀٽو جي وفاقي پارٽي مان علائقائي پارٽي ۾ بدلائڻ جو سهرو بلاول ۽ والد جي سر آهي.